لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) قمبر تعلقي جي ڳوٺ مهي مڪول ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 11 ورهين جو نينگر صدام پٽ علي گل شيخ ۽ سندس ماسات 16ورهين جو اربيلو شيخ سخت زخمي ٿي پيا جن کي سندن وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن نينگر صدام شيخ فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ زخمي اربيلو شيخ کي طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي فوتي نينگر جي وارثن ٻڌايو ته صدام شيخ پنهنجي ماسات اربيلو سان گڏجي موٽرسائيڪل تي مهي مڪول مائٽن ڏانهن ويو جتان لاڙڪاڻي واپسي تي مهي مڪول ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ هو فوت ٿيو ۽ سندس ماسات زخمي ٿيو آهي.