ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، ڪالهه مختلف هنڌن تي رولو ۽ ڇتن ڪتن وڌيڪ 16 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. خبر موجب ميرپورخاص ۾ 5 ٻارن سميت 7 ڄڻن کي رولو ۽ ڇتن ڪتن ڏاڙھي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ 50 ورھين جي جميلا، محبوب علي کي طبي امداد بعد گھر روانو ڪيو ويو، جڏهن ته ڳوٺ محمد صديق لغاري واسي ٻن معصوم نياڻين سميت 4 ٻارن ۽ ھڪ پيرسن عبدالعزيز لغاري، 6 ورھين جي ثمرين، 3 ورھين جي دعا، 8 ورھين جو نادر ۽ 8 ورھين جي جيرام جي حالت وڌيڪ خراب ھئڻ سبب کين اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي ڪتن 4 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ عبدالحڪيم، عيسب، امام دين ۽ پيرسن سکان زال چاڪر سميجو شامل آھن، پيرو لاشاري جي ڳوٺ محمد رمضان منڌرو ۾ رولو ڪتن ٽن ڄڻن محمد قاسم منڌرو، حسين منڌرو ۽ ساجن کي ڏارهي زخمي ڪري ڇڏيو. نيوسعيدآباد ويجھو ڳوٺ پراڻي سعيدآباد جي رھواسي 20سالا دين محمد ميمڻ کي رولو ڪتي ڏاڙھي وڌو، جنھن کي تعلقا اسپتال نيو سعيدآباد آندو ويو، جتي کيس ويڪسين ڪرڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد اماڻيو ويو. وارث ڏنو ماڇي ويجهو ڳوٺ غلام محمد بروهي جي رهواسي 5 سالن جي ظھور علي بروھي کي رولو ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو.