ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري ڀرسان ڳوٺ علڻ آباد ۾ ڀارتي سرحد پار ڪري ايندڙ جهنگلي خونخوار جانور سوئر ٻني ۾ ڪم ڪندڙ 2 هارين تي حملو ڪري انور بجير ۽ محب سميجو کي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين هارين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين ويڪسين ڪئي وئي، ٻي طرف ڳوٺاڻن ٻڌايو ته خونخوار جانور کي اسان ماري ڇڏيو آهي، خونخوار جانور ڀارتي سرحد پار ڪري ايندا آهن، هنن چيو ته شڪايتن باوجود وائلڊ لائيف کاتي عملدارن ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي، جنهن سبب خوف ۾ مبتلا آهيون.