لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) اوستا محمد واسڻ بيب ناز جمالي، پنهنجي ڀاءُ شير، حنيفه ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، مهينو اڳ لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن جي گدام ۾ پناهه ورتي،ريلوي گدام جي ڇت ڪرڻ سبب 7 ورهين جي گلزيب دٻجي فوت ٿي وئي، صدمي ۾ ڌڻي بخش جمالي هوش وڃائي ويٺو، جيڪو گم آهي،پوليس به مدد نه پئي ڪري. ڌڻي بخش جماليءَ جي ڳولا ۾ مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.