ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھ جي پير محلي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، ڊسپوزل جون مشينون به بند رھڻ لڳيون آهن، گٽر نالا ابتا وھڻ لڳا آهن، مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي. شهرين علي نواز جتوئي ، عارف خاصخيلي ، حيدر ڀٽي ، ظفراللھ بليدي ، قاسم علي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته برسات کي ڏيڍ مھينو گذري ويو آھي مگر اڃان تائين گھرن مان پاڻي نيڪال ٿي نه سگھيو آھي رھواسي سخت تڪليفن ۾ مبتلا آھن انتظاميه به غائب آھي ڪير سار لھڻ نه آيو آھي نه ڪا مدد ڪئي وئي آھي گٽر نالا ابتا وھي رھيا آھن صفائي عملو به نٿو اچي ، پاڻي نيڪال جون مشينون ، راشن ، مڇردانيون ، خيما من پسند ماڻھن کي ڏنا ويا اصل حقدارن کي ڪجھ به نه مليو آھي رڳو پنھنجا نواز پاليسي ھلي رھي آھي غريبن ۽ مسڪينن جا درجنين گھر ڊھي پيا آھن ڪا مالڪي نه ٿي آھي مڇرن جو آزار وڌڻ ڪري بيماريون پيدا ٿي رھيون آھن صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان ۽ ضلعي عملدار ڀٽ شاھ جي ٽينٽ سٽي جو سير ڪري واپس ھليا وڃن ٿا اھي اسان جي ھن پير محلي ۾ اچي ڏسن ته ڇا حالت آھي ۽ ھتان جا رھواسي ڪيتري قدر تڪليفن ۾ آھن ، ھنن چيو ته ووٽ وٺڻ لاء سڀ اچن ٿا ۽ ھاڻي اسان گھرن مان پاڻي ڪڍي ڪڍي ۽ دانھون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آھيون ڪير ٻڌڻ لاء به تيار ناهي. اختياريون نوٽيس وٺن. s