لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) شڪارپور جي ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان 35 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٽرڪ ڪلينر شڪيل کي پوليس مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته مغوي شڪيل کي ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ڏوهارين سان مقابلي بعد بازياب ڪرايو آهي، ٻي طرف مغوي شڪيل ۽ ان جي وارثن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري شڪريو ادا ڪيو، ان موقعي تي ڊي آءِ جي ناصر آفتاب چيو ته ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري آهن، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ اسان جي اولين فرضن ۾ شامل آهي.