ڪراچي: صحت کاتي پاران ڪورونا صورتحال دوران سينيٽائيزر، ماسڪ سميت ڪورونا کان بچاءُ لاءِ ڪيل خرچن جي جاچ جو فيصلو، صحت کاتي جي سيڪريٽري پاران ڊي جي صحت کي خط لکي ڪورونا صورتحال دوران سينيٽائيزر، ماسڪ ۽ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ ڪيل خرچن جا تفصيل گھرايا ويا آهن. ڊي جي صحت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪورونا صورتحال دوران سينيٽائيز، ماسڪ سميت هينڊ گلوز جي خريداري جي مد ۾ ڪيل خرچن جا تفصيل ڏنا وڃن.