لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند جونيئر ذوالفقار ڀٽو پاران لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ قيد ڀوڳيندڙ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي سان ملاقات نه ٿيڻ بعد ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته اسان جا جيل انهن ماڻهن سان ڀريل آهن جيڪي اتي رهڻ جي لائق نه آهن. غريب ۽ مسڪين هڪ اهڙي نظام جو شڪار آهن جيڪو انهن کي هر روز گئس جي روشني ڏئي ٿو.  ڪالهه کان لاڙڪاڻي جيل وڃڻ جي ڪوشش ڪيان پيو پر ان حقيقت جي باوجود ته ايس پي اسان جو پاڙيسري آهي، واضع رهي ته 5 ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي هئي جنهن کان پوءِ پوليس کيس هٿڪڙيون هڻي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل اماڻي ڇڏيو هو جيڪو چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ ڊاڪٽر جنيد سانڊاڻو مٿان تشدد واري ڪيس ۾ قيد ڀوڳي رهيو آهي.