خيرپور (رپورٽر) خيرپور لڳ پوليس پاران مقابلي ۾هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، ان ڏس ۾ ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو موجب ته راڻيپور ٿاڻي جي حد ۾  لنڪ روڊ تي پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس موجب ته زخمي جوابدار جي سڃاڻپ غلام محمد ولد غلام سرور ملاح طور ٿي آهي، جوابدار وٽان بنا لائسنس پسٽل، موٽرسائيڪل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون، پوليس دعويٰ ڪئي ته جوابدار سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو.