لاهور واقعي جي متاثر عائشه اڪرم جو طبي معائنو، جسم جي ڪيترن ئي حصن تي زخمن جا نشان!!

0
1502
لاهور واقعي جي متاثر عائشه اڪرم جو طبي معائنو
لاهور واقعي جي متاثر عائشه اڪرم جو طبي معائنو

لاهور: گريٽر اقبال پارڪ ۾ حراسان ڪيل عورت عائشه اڪرم جو طبي معائنو مڪمل ٿي ويو آهي. پوليس موجب، متاثر عورت عائشه اڪرم کي طبي معائني لاءِ نواز شريف اسپتال آندو ويو جنهن ۾ سندس جسم جي ڪيترن ئي حصن  تي سوزش ۽ زخمن جا نشان مليا.

هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته حراست ۾ ورتل 20 ڄڻن کي جاچ لاءِ سي آءِ اي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس انهن جي سڃاڻپ لاءِ نادرا جي رپورٽ جو انتظار ڪري رهي آهي.

پوليس موجب ، سمورن ماڻهن کي مينار پاڪستان جي ڀرپاسي وارن علائقن مان حراست ۾ ورتو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته رپورٽ اچڻ کانپوءِ متاثر عورت کان جوابدارن جي سڃاڻپ ڪرائي ويندي.