ڄامشورو: المنظر تي گهمڻ لاءِ آيل نوجوان ڪراچي واهه ۾ ٻڏي ويو

0
178

ڄامشورو(ن پ ا) المنظر تي گهمڻ لاءِ آيل نوجوان ڪراچي جي واهه ۾ وهنجندي ٻڏي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته 30 ورهين جو عبدالرزاق نهڙيو پنهنجي دوستن سان گڏ گهمڻ لاءِ آيو هو،

جيڪو ڪراچي واهه ۾ وهنجندي ٻڏي ويو، مقامي ٽوٻن پاران سندس لاش جي ڳولا جاري آهي.

ٻڏي ويل نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته 12 ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود لاش هٿ نه ڪيو ويو آهي، نوجوان جو لاش جلد هٿ ڪري اسان جي حوالي ڪيو وڃي.