اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پاران دهشتگردي جي واقعن تي شديد ردعمل ڏنو ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف لانڍي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سُک سان نه ويهنداسين، امن امان خراب ڪرڻ وارِي هر ڪارروائي ناڪام بڻائي ويندي،  وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ملڪ جي امن ۽ ساک کي ڇيهو رسائيندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومتي پاليسي واضح ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، دهشتگردن سان سندن ئي ٻولي ۾ ڳالهايو ويندو، سِر جو جواب پٿر سان ڏينداسين.