ڪراچي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته پوليس جي بهتر حڪمت عملي ۽ اهلڪارن جي بهادري سبب لانڍي ۾ ٿيل دهشتگرد حملو ناڪام ٿيو، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارا هر وقت تيار آهن چينين جي سيڪيورٽي لاءِ الڳ شعبو قائم ڪريون پيا، هن اهڙو اظهار ڪالهه لانڍي ۾ ٿيل حملي بعد اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته اسپيشل برانچ ۾ چينين جي سيڪيورٽي لاءِ الڳ شعبو قائم ڪيو وڃي، چينين جي سيڪيورٽي بابت ان شعبي کي جديد سهولتون هجڻ گهرجن، سنڌ حڪومت طرفان پرڏيهي شهرين متعلق جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل يقيني بڻايو وڃي، لاڳاپيل آفيسر سيڪيورٽي قدمن جي حوالي سان ايڊوائيزري جاري ڪن، پرڏيهين جي سيڪيورٽي جو نئين سر جائزو وٺي ٻن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي.