ڪراچي/ ملير (رپورٽ: حبيب جمالي ۽ ناز شر) ڪراچي ۾ چينين کانپوءِ جاپانين جي قافلي تي خودڪش حملو، ڇتي فائرنگ، بمبار پنهنجي دهشتگرد ساٿي سميت مارجي ويو، جهول واسي گارڊ  شهيد  : 2 زخمي: وزيراعليٰ ۽ گهرو وزير طرفان ڌماڪي جي اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم، ان ڏس ۾ ملير جي علائقي مانسهره ڪالوني ويجهو  2 بمبارن پاران ڊفينس جي علائقي زم زما کان ڪراچي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ڏانهن هاءِ ايس وين ۾ ويندڙ جاپانين تي خودڪش حملو ڪندي فائرنگ ڪئي وئي، خوشقسمتي سان وين ۾ سوار سمورا جاپاني محفوظ رهيا، ڌماڪي ۽ ڇتي فائرنگ سبب علائقي ۾ هراس پکڙجي ويو، ٿوري ئي مفاصلي تي ڊيوٽي تي موجود شرافي ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس فوري طور تي پهچي دهشتگردن سان مقابلو ڪيو، مقابلي دوران پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائيندڙ دهشتگرد  ۽ سندس ساٿي مارجي ويا، جڏهن ته خودڪش حملي ۽ فائرنگ ۾ 2 سيڪيورٽي گارڊ ۽ هڪ واٽهڙو زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ورتو، پرڏيهين کي فوري طور تي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته مارجي ويل ٻنهي دهشتگردن ۽ ٽن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ سيڪيورٽي گارڊ نور محمد زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو، جڏهن ته جاپانين سان گڏ ڊيوٽي تي موجود سيڪيورٽي گارڊ ننگر خان ۽ سلمان جو علاج هلندڙ آهي. ان موقعي تي ڊي آءِ جي ايسٽ اظفر مهيسر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جاپاني زم زما واري رهائشگاهه تان ڪراچي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون لانڍي وڃي رهيا هئا، واقعي واري هنڌ تان 2 رائفلون ۽ دستي بمبن سان ڀريل ٿيلهو هٿ آيو آهي، لڳي ٿو ته دهشتگرد 2 هئا، جيڪي پيادل هئا، هڪ دهشتگرد گاڏي  ويجهو اچي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو، جڏهن ته سندس ساٿي گاڏي تي فائرنگ ڪئي. جاپانين سان موجود سيڪيورٽي گارڊن دهشتگردن سان مقابلو ڪيو، ويجهو ئي پيٽرول پمپ وٽ ڊيوٽي تي بيٺل پوليس اهلڪارن ڌماڪي جو آواز ٻڌي فوري رسپانس ڪيو. پوليس اهلڪار هڪ دهشتگرد کي مٿي ۾ گولي هڻي ماريو، ڌماڪو ڪندڙ دهشتگرد جا عضوا به مليا آهن، هن چيو ته ٿريٽ موجود هئا ۽ پوليس الرٽ هئي، اهو طئه  ٿيو هو ته غير ملڪي مهمان پوليس، رينجرز ۽ پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊ رکندا. ايس ايس پي ملير طارق الاهي مستوئي جو چوڻ هو ته جاپانين سان گڏ موجود سيڪيورٽي گارڊن دهشتگردن سان مقابلو ڪيو، شرافي ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس فوري پهچي هڪ دهشتگرد کي ماريو، هن چيو ته ڌماڪي واري هنڌ تان 4 دستي بم، رائفل، ميگزين ۽ هڪ شڪي موٽر سائيڪل پڻ هٿ ڪئي وئي، هن چيو ته جاپانين جي گاڏي توڙي واٽهڙو شهرين جي موٽر سائيڪلن ۽ گاڏين کي به نقصان پهتو. ٻئي طرف سنڌ جي وزيراعليٰ ۽ گهرو وزير سيڪيورٽي گارڊن ۽ پوليس جي بهادري جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي گهرو وزير  چيو ته پوليس کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ انعام ڏنا ويندا. هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي،  وزيراعليٰ چيو ته واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪئي ويندي، دهشتگرد ڪهڙي رستي تان آيا؟ ڪنهن سهولتڪاري ڪئي؟ سمورن سهولتڪارن ۽ ماسٽر مائينڊ جو پتو لڳائي انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو،  هن چيو ته پوليس جي بروقت ڪارروائي سبب غير ملڪي مهمان محفوظ رهيا، وزيراعليٰ زخمي سيڪيورٽي گارڊ جي بهتر علاج جو حڪم ڏنو  وزيراعليٰ سنڌ ڌماڪي ۾ استعمال ٿيندڙ بارود جي تفصيل گهري ورتا.