ڪراچي: بم ڊسپوزل يونٽ ابتدائي رپورٽ تيار ڪري ورتي، ڌماڪي واري هنڌ تان منڍي ۽ ٽنگون مليون آهن، سندس ساٿي دهشتگرد پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، دهشتگرد جي ٿيلهي مان 4 دستي بم، 3 رائيفل گرنيڊ، 3 ميگزين، پاڻي جي بوتل ۽ پيٽرول جي بوتل مليا آهن، پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويل دهشتگرد جي کيسي مان هڪ دستي بم ۽ سندس هٿ ۾ پڪڙيل دستي بم به مليو آهي، رپورٽ موجب دهشتگرد جي ايس ايم جي رائيفل ۾ به لانچر لڳل هو، ٽوٽل 6 دستي بم، 4 رائيفل گرنيڊ ۽ بال بيرنگ پڻ هٿ ڪيا ويا.