جھول / سنجهورو:  ڪراچي ۾ جاپانين مٿان ٿيل حملي  دوران دهشتگردن  سان ويڙهاند ڪندي شهيد ٿيل سيڪيورٽي گارڊ 30 سالن جو صابر مري  جھول لڳ ڳوٺ غيبي خان مري جو رهواسي هو. جڏهن ته ڳوٺ رحيم خان مري واسي 40 ورھين جو ننگر خان عرف صابر مري سخت زخمي ٿي پيو، شھيد جو لاش وارث ۽ سيڪيورٽي ڪمپني وارا کڻائي ڳوٺ پهتا، شھيد صابر علي جي ڏيڍ سال اڳ شادي ٿي ھئي، کيس ڇھن مھينن جو ھڪ پٽ آهي جڏھن ته زخمي ننگر خان کي ٽن ٻارڙن جو اولاد آھي، رات دير سان صابر مري کي آلين اکين سان مٽي ماءَ حوالي  ڪيو ويو