لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ تي نوجوان رانديگر ابرار احمد خوشي جو اظهار ڪيو آهي. ان ڏس ۾ سندس رد عمل به سامهون اچي ويو آهي، پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ابرار احمد چيوته قومي اسڪواڊ م شامل ٿيڻ تي مون وٽ لفظ ناهن.هن پنهنجي شموليت کي الله جي رحمت قرار ڏنو ۽ الله جو شڪر به ادا ڪيو. چيف سليڪٽر محمد وسيم لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ۾ ورلڊ ڪپ ۽ انگلينڊ خلاف ٽيم جو اعلان ڪندي ابرار احمد ۽ عامر جمال کي به شامل ڪيو هو.