ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف سليڪٽر محمد وسيم پاران ورلڊ ٽي 20 ۽ انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جي اعلان تي فاسٽ بالر محمد عامر ٽوڪ وارو ٽوئيٽ ڪيو آهي.  سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي محمد عامر سليڪشن تي ٽوڪ ڪندي لکيو ته ”چيف سليڪٽر جي سستي چونڊ“. ورلڊ ٽي 20 لاءِ 17 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. فاسٽ بالر حسن علي کي انگلينڊ ۽ ورلڊ ٽي 20 سيريز مان ٻاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فخر زمان، شاهنواز ڏاهاني ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد حارث کي ٽريولنگ ​​ريزرو ۾ شامل ڪيو ويو آهي.  شاهين شاهه آفريدي زخمي سبب انگلينڊ خلاف سيريز جو حصو نه آهي پر فاسٽ بالر کي ورلڊ ٽي 20 اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته فاسٽ بالر محمد عامر ڪافي عرصي کان قومي ڪرڪيٽ ٽيم کان ٻاهر آهي.