لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ زخمي ٿيل بيٽسمين فخر زمان کي علاج لاءِ لنڊن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڊيا موجب فخر زمان به پنهنجي فٽنس بحال ڪرڻ لاءِ جمعي تي لنڊن روانو ٿيندو، قومي ڪرڪيٽر ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ فيلڊنگ دوران گوڏي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو، شاهين شاهه آفريدي اڳ ۾ ئي گوڏن جي زخم سبب انگلينڊ ۾ علاج هيٺ آهي. ان کان اڳ، اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان شاهد آفريدي نوجوان فاسٽ بالر ۽ سندس مستقبل جي ناٺي شاهين شاهه آفريدي سان بدسلوڪي جو الزام هڻندي پي سي بي تي سخت تنقيد ڪئي هئي.. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پنهنجي دور جي عظيم آل رائونڊر شاهد خان آفريدي الزام هنيو ته انجري سبب فاسٽ کي ايندڙ مهيني آسٽريليا ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ لاءِ پاڪستان طرفان اعلان ڪيل 15 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو هو. بالر شاهين شاهه آفريدي پنهنجي بحاليءَ جو ڪم پاڻ ڪري رهيو آهي ۽ پي سي بي سندس مدد نه ڪري رهيو آهي.