چگواراماس (اسپورٽس نيوز) 6 سالن کان ٽيم کان ٻاهر رهندڙ ويسٽ انڊيز جي نوجوان آل رائونڊر يينڪ ڪيريا کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. آل رائونڊر ڪرڪيٽر کي ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪپ 2022ع لاءِ ٽيم ۾ کنيو ويو آهي. آل رائونڊر يينڪ ڪيريا آخري ڀيرو سال 2016ع ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچز لاءِ ٽيم ۾ شامل ٿيو هو. 30 ورهين جي ڪيريا کي شوقين اسپنر بالر طور سڃاڻيندا آهن، ڪيريا کي ٽيم ۾ ته کنيو ويو آهي پر هن کي ورلڊ ڪپ کان پهرين هوبارٽ ۾ پول ميچن دوران اسڪاٽ لينڊ، زمبابوي ۽ آئرلينڊ خلاف ميچ کيڏي ڪواليفاءِ ڪرڻو پوندو. ڪيريا گذريل مهيني پنهنجو پهريون ون ڊي ميچ کيڏي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي. هن نيوزيلينڊ خلاف برج ٽائون ۾ ون ڊي ڊيبو حاصل ڪيو هو. کيس گداڪيس موتائي جي جاءِ تي ٽيم ۾ کنيو ويو هو.