ٺٽو ( رپورٽر ) غلام الله ويجهو سيمينٽ فيڪٽري لڳ سنڌ جي ٻئي جوڙ جي نوجوان ملھ پهلوان ۽ سنڌ ڪلچرل فورم ضلعي ٺٽي جي سرگرم اڳواڻ مرحوم پهلوان علي بخش ملاح  جي ٻي ورسي ملهائي وئي.ان سلسلي ۾ سنڌ ڪلچرل فورم جي مرڪزي چيئرمين صادق لاکو،علم الدين جوکيو،سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٺٽي جي اڳواڻ صاحبڏنو سمون، ڳوٺ سڌار سنگت جي ڪوآرڊينيٽر فقير ابراهيم جوکيو،غلام الله پريس ڪلب جي صحافي عبدالستار ملاح،رضا محمد هولاڻي،محمد سومار ملاح،امام بخش ملاح ۽ ٻين سان گڏجي غلام الله ويجهو بولا شاھ قبرستان ۾ مرحوم پهلوان علي بخش ملاح جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي فاتح پڙھي ان موقعي تي فورم چيئرمين صادق لاکو،صاحب ڏنو سمون علم الدين جوکيو،فقير ابراهيم جوکيو،۽ ٻين سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته ملھ راند سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ بند ڪيو وڃي.