قومي اسيمبلي اسپيڪر پاران پي ٽي آءِ ميمبرز جون اجتماعي استعيفائون منظور ڪرڻ کان انڪار

0
297

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پي ٽي آءِ ميمبرز جي استعيفائن جي اجتماعي منظوري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جي اسد قيصر، قاسم سوري، عامر ڊوگر ۽ امجد خان تي ٻڌل وفد اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي

پي ٽي آءِ جي وفد اسپيڪر سان ڳالهائيندي چيو ته پارٽيءَ جي پاليسي تحت سمورن ايم اين ايز اجتماعي طور استعيفائون ڏنيون آهن، سندن استعيفائون منظور ڪيون وڃن ته جيئن عام چونڊن جي راهه هموار ٿئي

اسپيڪر راجا پرويز اشرف جواب ڏيندي چيو ته اجتماعي طور استعيفائن جي منظوري نه ٿو ڏئي سگهان، سمورن ميمبرز کي استعيفا جي تصديق لاءِ انفرادي طور گهرايو ويندو

راجا پرويز اشرف بعد ۾ ميڊيا سان به ڳالهائيندي چيو ته  استعيفا ڏيڻ هر ميمبر جو حق آهي، پر آئين موجب هر ميمبر کي پنهنجي هٿن سان استعيفا لکڻي آهي، هر ميمبر کي پنهنجي استعيفا جي اسپيڪر آڏو پيش ٿي تصديق ڪرائڻي آهي

هي به پڙهندا

عمران خان پاران پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن جو اجلاس طلب