گهوٽڪي: ايم پي اي علي گوهر مهر سميت ٽن ڄڻن جي ضمانت منظور

0
509

گهوٽڪي (رپورٽر) ايم پي اي علي گوهر مهر سميت ٽن ڄڻن جي ضمانت منظور ڪئي وئي آهي، جِي ڊي اَي ايم پي اي علي  گوهر مهر سميت ٽن ڄڻن جي نينگر اغوا ڪيس ۾ عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي آهي

ايم پي اي علي گوهر مهر، راجا خان مهر ۽ حاجي خان مهر سيد فدا عباس شاهه اغوا ڪيس ۾ ضمانت لاءِ عدالت پهتا، عدالت پاران علي گوهر مهر سميت ٽن  ڄڻن جي هڪ هڪ لک روپين عيوض  ستن ڏينهن لاءِ ضمانت منظور ڪئي وئي

سيد قمبر علي شاهه  ڪاظمي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڀائٽي جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو، جڏهن ته داخل ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو هو ته ايم پي اي ڀائرن سميت ڄاڻايل جوابدارن گهر تي حملو ڪري ڀائيٽي فدا عباس شاهه کي قتل جي ارادي سان ڪار ۾ کڻي اغوا ڪري کڻي ويا

فريادي جو چوڻ هو ته جوابدارن ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪيون پڻ ڏنيون، داخل ڪرايل ڪيس ۾ 20 سال اڳ فوت ٿيل عبدالرزاق مهر به جوابدار طور نامزد ڪيو ويو هو

هي به پڙهندا

ايم پي اي علي گوهر مهر سميت 20 ڄڻن خلاف اغوا جو ڪيس داخل