سرڪاري هيليڪاپٽر جي استعمال واري معاملي تان خيبر پختونخواهه جو گورنر ۽ وڏو وزير آمهون سامهون

0
160
سرڪاري هيليڪاپٽر جي استعمال

ڪراچي: سرڪاري هيليڪاپٽر جي استعمال واري معاملي تان خيبر پختونخواهه جو گورنر ۽ وڏو وزير آمهون سامهون، وڏي وزير پاران گورنر کي هيليڪاپٽر ڏيڻ کان انڪار بعد گورنر به هيليڪاپٽر کي گورنر هائوس ۾ لينڊنگ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي

ڪي پي جي گورنر غلام علي چيو آهي ته وڏي وزير جو هيليڪاپٽر هاڻي گورنر هائوس ۾ نه لهي سگهندو، وڏي وزير سرڪاري هيليڪاپٽر کي ذاتي هيليڪاپٽر بڻائي رکيو آهي

ڪي پي ڪي جي گورنر غلام علي موجب ذاتي هيليڪاپٽر جي لينڊنگ لاءِ وڏو وزير پنهنجي گهر ۾ بندوبست ڪري، گورنر غلام علي وڏي وزير محمود خان کان 3 ڀيرا هيليڪاپٽر گهريو هو، وڏي وزير ٽئي ڀيرا گورنر کي هيليڪاپٽر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو

هي به پڙهندا

باجوا سياسي انجنيئرنگ ڪري چورن جي حڪومت آندي: عمران خان