باجوا سياسي انجنيئرنگ ڪري چورن جي حڪومت آندي: عمران خان

0
165

پاڪستان تحريڪ انصاف جَي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جنرل (ر) باجوا سياسي انجنيئرنگ ڪري چورن جي حڪومت آندي، هُن جي نظر ۾ سياستدانن جي ڪرپشن بي معنيٰ هئي
لاهور ۾ صحافين سان ملاقات دوران عمران خان چيو ته هاڻي ملڪ ڊيفالٽ جي ويجهو پهچي چُڪو آهي، باجوا هن ملڪ تي وڏو ظلم ڪيو
عمران خان چيو ته ملڪ ۾ چونڊون ٿيندي نظر نه پيون اچن، ٽيڪنو ڪريٽ حڪومت آڻڻ جو شوشو اٿاريو پيو وڃي، اسان جو هاڻي اسٽيبلشمينٽ سان ڪو به رابطو ناهي
پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته قانون جي حڪمراني قائم نه ٿيڻ تائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، ن ليگ ۽ پ پ جا مفاد پرڏيهه ۾ آهن

هن کي به پڙهندا

معاشي معاملا ڏکيا پر ڪنٽرول ۾ آهن، پاڪستان جو ڏيوالو نه نڪرندو: اسحاق ڊار

عمران خان کي وائيٽ هائوس نه پر بلاول هائوس جي سازش هٽايو: بلاول ڀٽو زرداري

شهيد بينظير ڀٽو جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي روشن علامت هئي:وزيراعظم