عمران خان کي وائيٽ هائوس نه پر بلاول هائوس جي سازش هٽايو: بلاول ڀٽو زرداري

0
232
وائيٽ هائوس نه پر بلاول هائوس جي سازش
عمران خان کي وائيٽ هائوس نه پر بلاول هائوس جي سازش هٽايو: بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جو خاتمو وائيٽ هائوس جي سازش نه پر بلاول هائوس جي سازش جي نتيجي ۾ ٿيو

بلاول ڀٽو زرداري عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته خان صاحب!، اوهان کي هٽائڻ پٺيان وائيٽ هائوس نه پر بلاول هائوس جي سازش هئي، پر عمران خان آصف زرداري جو ڪريڊٽ امريڪا کي ڏيڻ چاهي ٿو
شهيد بينظير ڀٽو جي 15هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته عوام سليڪٽڊ ۽ اُن جي سهولتڪارن کي خدا حافظ چئي ڇڏيو، اِهو ئي جمهوريت جو انتقام آهي
هن چيو ته جيئن مشرف ماضي جو حصو بڻجي چڪو آهي، اهڙي طرح هيءَ سليڪٽڊ ۽ اُن جا سهولتڪار به ماضي جو حصو بڻجي چڪا آهن

بلاول چيو ته
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مشرف جيان سليڪٽڊ کي کير مان مک جيان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو، اڄ شهيد بينظير ڀٽو آهي ۽ مشرف جو ڪٿي نالو نشان ناهي
پ پ چيئرمين چيو ته شهيد بينظير ڀٽو چوندي هئي ته دهشتگردي ۽ آمريت هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، آمريت بندوق جي زور تي عوام جي آزادي کسيندي آهي ۽ دهشتگرد خوف پکيڙي اوهان جا حق کسيندا آهن، هي سڀ خوف جو ماحول پيدا ڪري اوهان جا حق ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن
بلاول ڀٽو چيو ته انتهاپسند ڪڏهن مذهب کي استعمال ڪندا آهن ته ڪڏهن قومپرستي کي استعمال ڪندا آهن، عوام کي غلام بڻائڻ لاءِ مذهب کي به بدنام ڪيو ويندو آهي ۽ مختلف قومن کي به بدنام ڪيو ويندو آهي ۽ ماڻهن کي حراسان ڪيو ويندو آهي
هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو نفرت جي سياست نه پر اميد جي سياست تي يقين رکيندي هئي، هوءَ ڪوڙ جي سياست نه پر سچ جي سياست تي يقين رکندي هئي، هوءَ ورهاڱي جي سياست نه پر اتحاد جي سياست تي يقين رکندي هئي
بلاول چيو ته اسان پيپلز پارٽي غير جمهوري ماڻهن جو بندوبست ڪيو ۽ اُنهن کي خدا حافظ چئي ڏيکاريو، اسان نفرت ۽ ورهاڱي جي سياست تي يقين نٿا رکون
پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي معاشي صورتحال خراب آهي، پاڪستان کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جو ڪم رڳو جيالا ئي ڪري سگهن ٿا، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ نفرت جي سياست جو خاتمو اڻٽر آهي
پرڏيهي وزير چيو ته شهيد بينظير ڀٽو هڪ بهادر اڳواڻ هئي، هن 30 سال موت جو مقابلو ڪيو پر هن پنهنجي عوام، ڪارڪنن ۽ ساٿين کي هڪ ڏينهن به پوئتي نه ڇڏيو، هوءَ هڪ پاڪستان چاهيندي هئي، کيس سموري دنيا ۾ عزت سان پڪاريو ۽ ڏٺو ويندو هو

هن کي به پڙهندا

شهيد بينظير جي ورسي، ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسو: پ پ قيادت جا پيغام: جيالن جو جذبو ڏسڻ وٽان

شهيد بينظيرڀٽو جي 15 هين ورسي: ڳڙهي خدابخش ۾ جلسي جون تياريون مڪمل، قافلن جي آمد جاري

بينظير ڀٽو جي مشن جي حوالي سان ننڊ ۾ به غفلت نه ٿو ڪري سگهان: آصف زرداري