ڪراچي/ اسلام آباد ( نمائندن وٽان ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ثابت ڪري سگهان ٿو ته پاڪستان ڊفالٽ نه ڪندو، پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو ڪو خدشو ناهي، سنگين مسئلن باوجود مدد لاءِ پيرس ڪلب نه وينداسين، بدقسمتي آهي جو ملڪ کي اهڙي هنڌ آڻي بيهاريو ويو آهي، ان صورتحال جو ملڪ مستحق ناهي، سستي سياست لاءِ ملڪ کي نقصان پهچايو پيو وڃي، پاڪستان ڀنور ۾ ڦاٿل آهي، جنهن مان ڪڍڻ لاءِ  ڪوششون ڪريو پيا،  خوف سبب ڪو سون ته ڪو وري ڊالر خريد ڪري رهيو آهي،  پاڪستان مان ڪڻڪ، ڊالر ۽ ڀاڻ پاڙيسري ملڪ ( افغانستان) ڏانهن  اسمگل ٿي رهيا آهن، اسان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي  اسمگلنگ  روڪڻ لاءِ چيو آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج  جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو آهي ته ايس اي سي پي ڪارپوريٽ سيڪٽر کي ريگيوليٽ ڪندڙ ادارو آهي، بدقسمتي آهي ته گذريل ٻن سالن کان ايس اي سي پي جا 5 مان 2 ڪمشنر مقرر نه ڪيا ويا، مون شفاف طريقي سان ڪمشنرن  جون مقرريون ڪيون، هن چيو ته 2016ع ۾ اسان 24 ارب ڊالرن جا ذخيرا ڇڏي ويا هئاسين، اسان جي دور ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج دنيا جي پنجين وڏي اسٽاڪ ايڪسچينج بڻجي وئي هئي، ڪاش اهي سنهري ڏينهن واپس اچي وڃن، هن سوال اٿاريندي چيو ته پاڪستان کي 70 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيڻ جو ذميوار ڪير آهي؟  انهي ڳالهه کي ڏسڻ گهرجي ته پاڪستان هن ڳنڀير صورتحال ۾ ڇو پهتو آهي؟ اسان جي دور ۾ عالمي دنيا 2030ع ۾ پاڪستان جي دنيا جي ارڙهين وڏي معيشت ٿيڻ جون ڳالهيون ڪري رهي هئي، اڄ اسان هڪ هڪ ارب ڊالر لاءِ ڇو ڀڄي رهيا آهيون؟  هڪ هڪ جاءِ تي پاڻ کي تڪليف ۾ محسوس ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ جيڪي غلطيون ڪيون ويون آهن،  انهن کي ٻيهر نه ورجائڻ گهرجي، جن غلطين ڪري پاڪستان هن صورتحال تي پهچي چڪو آهي، معيشت تي جيڪي تجربا ڪيا ويا آهن انهن جو آئون ذميوار ناهيان نه ئي هي حڪومت ذميوار آهي، اسان کي انهن مامرن کي سڌارڻو آهي، جيڪي ڊراما ٿيا آهن انهن کي هڪ طرف ڪنداسين، اسان آءِ ايم ايف جو پروگرام پورو ڪنداسين، هن چيو ته ٽن مهينن کان مون ناڻي وزير طور ذميواري سنڀالي آهي، روز ٻڌون ٿا ته پاڪستان ڊفالٽ ڪري ويندو، آئون چوان ٿو ته پاڪستان جي ڊفالٽ ڪرڻ جو ڪو امڪان ناهي، پاڪستان ڪيئن ڊفالٽ ٿيندو؟  ها مشڪل صورتحال ضرور آهي، جنهن کي  اسان ڪنٽرول ڪنداسين، هن چيو ته   شروعات ۾  چيو ويو ته پاڪستان بانڊن جي رقم ادا نه ڪري سگهندو،  اسان بانڊ جي سموري رقم ادا ڪري ڇڏي، وري نام نهاد انٽيلڪچوئل (دانشور ) ڊفالٽ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اوهان انهن جون ڳالهيون نه ٻڌو، آئون ثابت ڪري سگهان ٿو ته پاڪستان ڊفالٽ نه ڪندو، اسان جو مسئلو اهو آهي ته اسان پنهنجن ننڍن سياسي مقصدن لاءِ ملڪ کي نقصان پهچائي رهيا آهيون، ڪنهن به اسرندڙ ملڪ ۾ اهو نظر نه ٿو اچي جو اتان جا ماڻهو هر وقت اهو راڳ آلاپين ته مشڪل ۾ آهيون يا ڊفالٽ ڪرڻ وارا آهيون، اها اسان جي بدقسمتي آهي، اسان پنهنجا  دشمن پاڻ آهيون، هن چيو ته اسان هجون يا نه هجون ملڪ ضرور اڳتي وڌندو، پاڪستان هن ڀنور مان ٻاهر نڪرندو، هن  چيو ته پاڪستان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ايندڙ مهينن ۾ مستحڪم ٿيندا، ايندڙ 6 کان 7 سالن ۾ پاڪستان کي 35 ارب ڊالر جي ضرورت پوندي,اسان جي ڪوشش آهي ته  جيڪڏهن عوام کي رليف نٿا ڏئي سگهون ته عوام تي بار به نه وجهون،  ماضي جي حڪومت آءِ ايم ايف سان پيٽروليم ليوي جي حوالي سان جيڪي واعدا ڪيا،  اسان انهن کي پورو ڪري رهيا آهيون،