نينگري سوهانا شرما کي سيف هائوس منتقل ڪرڻ جو حڪم

0
584

 

قاضي احمد جي عدالت پوليس پاران بازياب ڪرايل نينگري سوهانا شرما کي سيف هائوس منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

نينگر جي عمر جو تعين ڪرڻ لاءِ نادرا مان تصديق ڪرائڻ ۽ 12 جون تي کيس ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو

عدالت ڊپريشن جو شڪار هئڻ سبب سوهانا کي سيف هائوس منتقل ڪيو

پوليس اڄ سوهانا کي بازياب ڪرائڻ بعد وومن ٿاڻي تي سندس وارثن سان ملاقات ڪرائي، سوهانا والدين کي ڀاڪر پائي روئندي رهي

 سوهانا شرما جو گذريل ڏينهن وڊيو بيان سامهون آيو هو، وڊيو بيان ۾ سوهانا جو چوڻ هو ته هن مذهب مٽائي پسند جو پرڻو ڪيو آهي

 سوهانا جي والد جو موقف هو ته اغوا ڪرڻ بعد کانئس زبردستي وڊيو ريڪارڊ ڪرايو ويو آهي

هي به پڙهندا

سوهانا شرما اغوا مامرو: ميڊيا کي ڏيکاريل سڃاڻپ ڪارڊ مرد جو نڪتو