سوهانا شرما اغوا مامرو: ميڊيا کي ڏيکاريل سڃاڻپ ڪارڊ مرد جو نڪتو

0
552
سوهانا شرما اغوا مامرو: ميڊيا کي ڏيکاريل سڃاڻپ ڪارڊ مرد جو نڪتو
سوهانا شرما اغوا مامرو: ميڊيا کي ڏيکاريل سڃاڻپ ڪارڊ مرد جو نڪتو

قاضي احمد(رپورٽر) قاضي احمد جي سوهانا جي سادي واري قسم نامي ۾ نينگري جو ڏنل سڃاڻپ ڪارڊ نمبر هڪ مرد جو  نڪري پيو، نينگري جي والد ب فارم سامهون آڻي ڇڏيو جنهن ۾ سوهانا جي عمر 14 سال 4 مهينا ۽ 7 ڏينهن اهي

سوهانا جي شادي لاءِ عدالت ۾ جمع ڪرايل قسم نامي ۾ نينگري جو ڄاڻايل شناختي ڪارڊ نمبر جعلي هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي

ڏنل سڃاڻپ ڪارڊ ووٽر لسٽ ريڪارڊ موجب اختيار علي نالي شخص جو آهي، جنهن جي ايڊريس سير چيجا، تعلقو قاضي احمد، ضلعو نوابشاهه آهي

نينگري جي پيءُ دليپ ڪمار شرما جو چوڻ آهي ته ايفيڊيونٽ سرٽيفڪيٽ ۾ منهنجي ڌيءَ بدران ڪنهن ٻئي جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ڏنو ويو آهي جنهن حقيقتون وائکيون ڪري ڇڏيون آهن، هن ب فارم پيش ڪندي ٻڌايو ته سوهانا جي عمر 14 سال  4 مهينا 7 ڏينهن آهي

دليپ ڪمار وڏي وزير توڙي ٻين وس وارن کان هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪيو آهي ته  نعانلي جو نوٽس وٺي سوهانا کي بازياب ڪرايو وڃي

هي به پڙهندا

قاصي احمد ۾ هندو ڪٽنب يرغمال: ناري مبينا اغوا: جاچ ڪميٽي قائم