!قاضي احمد پوليس جو نجي ٽارچر سيل ايڪسپوز

0
197

قاضي احمد لڳ ڪچي جي علائقي ۾ پوليس جو مبينا ٽارچر سيل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، 4 اھلڪارن سميت ڇھن ڄڻن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

ڳوٺاڻن مڙسي ڪري نجي ٽارچر سيل ۾ رکيل چئن ڄڻن کي ڇڏائي ورتو، سيل ٻاهران سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن ۽ ڳوٺاڻن ۾ منهن ماري جي وڊيو بھ وائرل ٿي آھي

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته وقار، زاهد ۽ جابر جتوئي سوڌو 4 ڄڻن کي چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، پوليس ڳوٺاڻن کي جيل بدران نجي ٽارچر سيل ۾ واڙي تشدد جو نشانو بڻايو

ڳوٺاڻن ٽارچر سيل مان هٿ آيل 4 ڄڻن ۽ پهري لاءِ بيٺل ٻن اهلڪارن کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو