ڊاڪٽر عامر لياقت جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ جو حڪم

0
255
عامر لياقت جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم
ڊاڪٽر عامر لياقت جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي جي عدالت ڊاڪٽر عامر لياقت جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

عدالت شهري جي درخواست تي ڌُرين جا دليل ٻڌڻ بعد محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي

جڊيشل ماجسٽريٽ اوڀر جي عدالت لکت ۾ تفصيلي فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته وارثن جو موقف آهي ته پوسٽ مارٽم سان عامر لياقت جي قبر جي بي حرمتي ٿيندي

عدالت چيو ته ڪو شڪ ناهي ته عامر لياقت جا وارث قبر جا وارث آهن، پر جڏهن موت شڪي هجي ۽ ڏوهه جو به خدشو هجي ته انصاف جي نظام کي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي، شڪ شبهن جي خاتمي لاءِ پوسٽ مارٽم اڻٽر آهي

عدالت قبر ڪشائي ۽ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، 9 جون تي ڊاڪٽر عامر لياقت جو لاش سندس ڪراچي واري گهر مان هٿ آيو هو