دعا زهريٰ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج

0
215
دعا زهريٰ

ڪراچي: ڪراچي مان لاهور وڃي پسند جي شادي ڪندڙ دعا زهريٰ جي والد سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي

دُعا زهريٰ جي والد مهدي ڪاظمي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ خامي آهي

دعا زهريٰ جي پيءُ موقف اختيار ڪيو ته  عدالت آڏو پيش ڪيل ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۾ دعا زهريٰ جي عمر 17 سال ڄاڻائي وئي آهي، جڏهن ته نادرا ريڪارڊ ۽ تعليمي سرٽيفڪيٽس موجب دعا زهريٰ 14 سالن جي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ 8 جون تي پنهنجي تحريري فيصلي ۾ دعا زهريٰ کي پنهنجي مرضيءَ موجب فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي