!عامر لياقت جي وڊيوز وارو مامرو عدالت پھتو، دانيا جو بچڻ مشڪل

0
344

ڪراچي: اڳوڻي ايم اين اي، اسڪالر ڊاڪٽر عامر لياقت جون وڊيوز وائرل ڪندڙ سندس ٽئين زال خلاف ڪارروائي لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي آھي

ڪراچي جي ڏکڻ عدالت ۾ عامر  لياقت جي ٽئين گهر واري دانيا  ملڪ خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي آھي

سماجي تنظيم پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ۽ دانيا کي ڌر بڻايو ويو

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو تھ دانيا ملڪ ڊاڪٽر عامر لياقت جون نازيبا وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون

درخواستگذار استدعا ڪئي آھي تھ عدالت ايف آءِ اي کي دانيا ملڪ خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري