گهوٽڪي (رپورٽر) مسلم ليگ ن هائوس رحموالي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير ڄام اڪرام خان ڌاريجو ۽ صوبائي صلاحڪار سردار بنگل خان مهر جي آمد جتي پاڪستان مسلم ليگ ن ضلعي گھوٽڪي جي صدر حافظ محمد صادق سميجو ڀليڪار ڪيو آيل معزز مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ پهرائي وئي آجياڻو ڏيندي حافظ محمد صادق سميجو چيو ته هر هميشہ اسين مهر خاندان ڄام ڀائرن کي مان ڏنو آهي اڄ به هي اسان جا محسن آهن پاڪستان پيپلز پارٽي مسلم ليگ ن مرڪز ۾ گڏجي حڪومت ڪري رهيون آهن ان ڪري اسان به چاهيون ٿا ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي ضلعي گهوٽڪي ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ ڀر پور ساٿ ڏيون جنهن تي ڄام اڪرام خان ڌاريجو چيو ته اسان کان ڪجھ غلطيون ٿيون آهن ۽ ڪجهه رابطي جو فقدان به هو جنهن جي ڪري اسين هڪ ٻئي کان دور ٿي ويا آهيون انشاء اللّه هاڻ گڏجي ڪم ڪندا سين آخر ۾ سردار بنگل خان مھر چيو ته اسان جو رشتو ڀائرن وانگر آهي اسين شڪر گذار آهيون ته مسلم ليگ ن ضلعي گهوٽڪي اسان کي مان ڏنو گهوٽڪي ۾ هڪ پليٽ فارم تي گڏجي ڪم ڪبو