ملير (رپورٽر) قائد آباد ۾ هٿياربندن عدت ۾  ويٺل ماءُ کي پٽ سميت ي قتل ڪري ڇڏيو شاھ لطيف ٿاڻي جي حد قائد آباد گوشت گلي ۾ هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري 33 ورهن جي فائزه کي قتل ڪرڻ بعد مقتولا جي ڏيڍ سال جي معصوم پٽ محمد ذوهان کي پاڻي ۾ غوطا ڏئي ماري لاش پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي ضروري ڪاروائي بعد لاش پوسٽ مارٽم لاء جناح اسپتال منتقل ڪيو, ان سلسلي ۾ پوليس موجب ابتدائي طور تي واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو آھي جنهن سبب هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي نوجوان عورت ۽ سندس معصوم پٽ کي قتل ڪري فرار ٿي ويا, پوليس موجب مقتولا عورت جو مڙس چار مهينا اڳ فوت ٿي ويو هو ۽ مقتولا عورت عدت ۾ ويٺل هئي