ڪشمور(رپورٽ: حبيب جمالي)ڪشمور جي دراني مهر ڪچي ۾ پوليس بيس ڪيمپون قائم ڪري ورتيون، جتي پوليس اهلڪار جديد هٿيارن سان ڊيوٽي ڏئي رهيا آهن، ضلعي کي گهوٽڪي سان ملائيندڙ پل جي تعمير جاري آهي. ڪشمور پوليس ڪراچي جي صحافين کي پل جو دورو ڪرائي ڪچي ۾ قائم ڪيل بيس ڪيمپون به ڏيکاريون. ان موقعي تي ايس ايس پي عرفان سمون صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته  ڪشمور جو دراني مهر ڪچو  72ڪلوميٽرن ۾ آهي، هتي جيئند جاگيراڻي، نواب جاگيراڻي، نواب ڀيو سميت 12 گينگز جا 200 ڌاڙيل سرگرم آهن، هن چيو ته ڪشمور کي گهوٽڪي سان ملائيندڙ پل تعمير ٿيڻ سان مفاصلو گهٽجي ويندو ۽ خوشحالي ايندي،. هن چيو ته ڌاڙيلن پل جي تعمير روڪڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳايو، ڪيترائي ڀيرا ڌاڙيلن ڪم روڪرائڻ لاءِ شديد فائرنگ پڻ ڪئي، هن چيو ته هن وقت ڪشمور ضلعي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ 15 يرغمالي قيد آهن، هن چيو ته معصوم سمرت ڪمار جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي، هن وقت تائين نينگر جي وارثن کي ڀنگ لاءِ ڪال ناهي آئي، نينگر کي ڪهڙي گينگ اغوا ڪيو آهي، ان بابت به خبر نه پئجي سگهي آهي. صحافين کي دوري دوران پوليس پڪٽن تي اينٽي ايئر ڪرافٽ گن ۽  راڪيٽ لانچر به نظر آيا