فيض گنج  (ن پ ا): فيض گنج تعلقي جي ٻن ٽائون ڪاميٽن ۽10يونين ڪائونسلن جا چئير مين وائيس چئير مين ۽ ميمبر پنهنجي عهدن جو حلف  قسم کڻي ورتو اسسٽنٽ ڪمشنر فيض گنج مستقيم قريشي ميمبرن کان حلف ورتو حلف تقريب هاء اسڪول پڪاچانگ ۾ ٿي گذري تعلقي جي ٻن ٽائون ڪاميٽن پڪاچانگ ۽ڪرونڊي ۽10يونين ڪائونسلن جا 70ميمبر حلف کڻي ورتو ٽائون ڪاميٽي پڪاچانگ جا 9ميمبر ٽائون ڪاميٽي ڪرونڊي جا 3ميمبر ۽في يونين ڪائونسلن جا 6-6  ميمبر حلف کنيو ميمبرن کان رٽرننگ آفيسر اسسٽنٽ ڪمشنر فيض گنج مستقيم قريشي حلف کڻايو حلف  کڻائڻ واري تقريب دوران سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي  تعلقي جا ٻه ميمبر فوت ٿيل آهن  جنهن ڪري ٻه وارڊن جي ميمبرن حلف نه کنيو.