صالح پٽ (ن پ ا): صالح پٽ ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ چيئرمين۔ وائيس چيئرمين ۽ جنرل ڪائونسل  جي ميمبرن  حلف کڻي ورتو خبر موجب  صالح پٽ  ۾ بلدياتي چونڊ کانپوءِ ٽائون ڪميٽي جي 8 وارڊن  ۽ ڇهن يوسين تي 35  ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوارن جي ٽائون ڪميٽي صالح پٽ ۾ حلف برداري تقريب ٿي گزري ,  آر او اسسٽنٽ ڪمشنر عديل احمد سومرو نئين چونڊجي آيل اميدوارن کي حلف کڻايو حلف برداري تقريب ۾ اسسٽنٽ آر او مختيار ڪار شهنواز چارڻ ۔عطاء الله مهتم ۽ ٽائون آفيسر سيد عرفان شاه موجود هئا ۔ بلدياتي چونڊ ۾ يونين ڪائونسل سطح تي پيپلز پارٽي جي چئن يوسين ۾ سراسري آهي جڏهن ته ٻن يوسين ۾ جي ڊي اي جي سراسري  آهي ۽ ٽائون ڪميٽي صالح پٽ جي اٺن وارڊن تي پيپلز پارٽي جا 4 اميدوار , پي ٽي آء جا 2, جي ڊي جو هڪ ۽ هڪ آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا هئا جڏهن ته يونين ڪائونسل 19 ( کبڙي ڀٽ)  جو جنرل ڪائونسل ميمبر علي محمد شنباڻي فوت ٿي ويو هو جيڪا سيٽ خالي پيل آهي جڏهن ته  حلف برداري کان پوء سڀني ميمبرن کي گلن جا هار پارايا ويا ۽ دعا ء خير گهري وئي۔