جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ عوامي تحريڪ جي کاهوڙي ڪردار فيض محمد ٽالپر جي چاليهي جي موقعي تي عوامي تحريڪ پاران جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر دلدار لغاري، نور محمد ٽالپر، ڏاڏا قادر رانٽو، وسند ٿري، اياز کوسو، ممتاز کوسو، محب ڀيل ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته فيض محمد ٽالپر سموري حياتي سنڌ ۽ سنڌي قومجي مظلوم پورهيتن جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ۾ گذاري، هنن چيو ته هو ساهه جي آخري گهڙين تائين فڪر پليجو تي ثابت قدمي سان بيٺو رهيو. هنن چيو ته سنڌ هن وقت انتهائي خطرناڪ صورتحال مان گذري رهي آهي، هر طرف کان سنڌ خلاف سازشن جو ڄار وڇايو پيو وڃي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌي قوم پنهنجي قومي وسيلن، شهرن، ٻيٽن ۽ ادارن کي بچائڻ لاءِ تاريخي جدوجهد ڪرڻي پوندي. جلسي ۾ قومي گيت ۽ ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا.