ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙ 110 شهرين مٿان ڪيس داخل، ايس ٽي پي جي سڏ تي سوين شهرين ميونسپل ٻولهاڙي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪري ڪوٽڙي اوور هيڊ برج تي احتجاجي ڌرڻو هڻي ٽن ڪلاڪن تائين روڊ بند ڪري ڇڏيو هو، پوليس ڳالهين ذريعي روڊ کولرائڻ بعد شهرين تي روڊ بند ڪرڻ، امن امان ۾ خلل وجهڻ جي قلمن هيٺ امجد مستوئي، ڪوڙو خان مستوئي، قاري وزير مجاهدي، ستار لهر سمت ڏھ ڄاتل ۽ هڪ سئو اڻ ڄاتل ماڻهن مٿان ڪوٽڙي ٿاڻي تي اي ايس آءِ اياز ابڙو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.