ڪڙيوگهنور (ن پ ا) گولاڙچي ويجهو ڳوٺ نورمحمد لڳ چڪ نمبر 57 ۾ ڪراچي کان مرغي جي فيڊ کڻي ايندڙ تيز رفتار ٽرڪ ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ گجو واسي ٽرڪ ڪلينر نوجوان عبدالرزاق خاصخيلي فوت ٿي ويو، اطلاع تي پوليس ۽ مقامي ماڻهن پهچي نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.