فوجي اداري بدران آئين ٽوڙيندڙ جنرل جو نالو وٺي مذمت ڪريو: جسٽس قاضي فائز

0
343
مُلڪ ٽٽڻ جو سبب آمراڻي حڪومت

لاهور (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته سڀني کي آئين جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ آئين ٽوڙيندڙ جنرل جو نالو وٺي مذمت ڪرڻ گهرجي
لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڀٽو جو ٽرائل فوجي عدالت نه پر سول عدالت ڪيو هو، جنهن بينچ ۾ فوجي عدالتن جي قيام جو مامرو آيو، مان اُن جو حصو هئس
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پاڪستان جمهوري طريقي سان حاصل ٿيو، ان تي پهريون حملو آئين ٽوڙڻ جي صورت ۾ ٿيو، جمهوريت تي پهريون حملو هڪ بيوروڪريٽ غلام محمد ڪيو، مولوي تميز الدين اسيمبلي ٽوڙڻ کي چيلينج ڪيو، ٽيون حملو آئين ٽوڙيو. جمهوريت تي ٽيون حملو ضياءُ الحق ڪيو، جنهن آئين کي ٽوڙيو پر سندس خلاف داخل درخواست ناقابل سماعت قرار ڏني وئي، چوٿون ڀيرو مشرف آئين ٽوڙيو، سپريم ڪورٽ رياست جي پگهاردار ملازم مشرف کي آئين ۾ ترميم جو اختيار به ڏنو، هڪ پگهاردار کي اختيار ڏيندڙ ججز پاڻ به پگهاردار هئا
سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج چيو ته پاڪستان کي عدليه ۽ ايگزيڪيوٽو جي ضرورت آهي، پاڪستان کي ايگزيڪيوٽو جي حيثيت ۾ فوج جي ضرورت آهي، پاڪستان کي عوام طرفان چونڊيل حڪومت جي ضرورت آهي، پاڪستان مان جمهوريت کي ختم ڪرڻ ملڪ سان دشمني آهي
هن وڌيڪ چيو ته فرد جي ڪردار جي ڳالهه ڪريو، اداري تي تنقيد نه ڪريو، فوجي اداري جي نه پر آئين ٽوڙيندڙ جنرل جي مذمت ڪريو، مون سميت هرڪو آئين جي آرٽيڪل 5 تحت قانون ۽ آئين تي عملدرآمد جو پابند آهي
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هڪ وزيراعظم کي ان ڪري نااهل ڪيو ويو ته هن پنهنجي پٽ کان پگهار نه ورتي، آئون فيصلي تي تبصرو نه ڪندس

ھي به پڙھندا

فوج هاڻي سياست ۾ ڪردار ادا نه ڪندي، 5 هفتن ۾ رٽائر ٿي ويندس: آرمي چيف

آرمي چيف مُدي ۾ واڌ نه وٺڻ جو اعلان گهڻا ئي مسئلا حل ڪري ڇڏيا: شيخ رشيد

ڪالهه خوش قسمت ڏينهن هو، ايف اي ٽي ايف کانسواءِ هڪ ٻيو فيصلو به آيو: وزيراعظم