ڪالهه خوش قسمت ڏينهن هو، ايف اي ٽي ايف کانسواءِ هڪ ٻيو فيصلو به آيو: وزيراعظم

0
259
ڪالهه خوش قسمت ڏينهن هو
ڪالهه خوش قسمت ڏينهن هو، ايف اي ٽي ايف کانسواءِ هڪ ٻيو فيصلو به آيو: وزيراعظم

لاهور: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪالهه خوش قسمت ڏينهن هو، ايف اي ٽي ايف کانسواءِ هڪ ٻيو فيصلو به آيو
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته عمران خان جون ڳالهيون جمهوريت ۽ سوچ فاشسٽ هئي، جلسن جلوسن ذريعي قوم کي ورهائڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، ثابت ٿي ويو ته عمران خان سرٽيفائيڊ چور آهي
شهباز شريف چيو ته عمران خان ڪرپشن ذريعي نااهل ٿيو آهي، کيس ڌانڌلي ڪري وزيراعظم بڻايو ويو هو، توشا خانه فيصلي جي خوشي نه پر اُن تي ڳڻتي آهي
هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي عمران خان پاڻ مقرر ڪيو هو،پاڪستان جو گري لسٽ مان نڪرڻ اجتماعي ڪوشش جو نتيجو آهي
شهباز شريف چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ سندس ٽيم کي واڌايون ڏيان ٿو

ھي به پڙھندا

قوم جي لاءِ خوشخبري: پاڪستان 4 سالن بعد فيٽف جي گري لسٽ مان نڪري ويو

توشه خانه ڪيس: عمران خان نااهل قرار