آرمي چيف مُدي ۾ واڌ نه وٺڻ جو اعلان گهڻا ئي مسئلا حل ڪري ڇڏيا: شيخ رشيد

0
119

راولپنڊي: اڳوڻي گهر وزير شيخ رشيد چيو آهي ته آرمي چيف مُدي ۾ واڌ نه وٺڻ جو اعلان گهڻا ئي مسئلا حل ڪري ڇڏيا، راولپنڊي کان پري ضرور آهيان، پر لاڳاپا خراب ناهن ٿيا

راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو تھ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو غير آئيني هو، چاهيون ٿا ته نئين تاريخ ڏني وڃي

شيخ رشيد چيو ته حڪومت خلاف آر يا پار ڀلي ٿورا ئي ماڻهو رستن تي ڇو نه اچن، ڏڦيڙ ۽ عدم استحڪام ملڪ کي اڳتي وڌڻ نه ڏيندو، عوام ۾ شعور آهي ۽شعور ئي فتح ماڻيندو، هو اسان کان لال حويلي خالي ڪرائڻ چاهين ٿا

ھن چيو تھ عمران خان 30 آڪٽوبر کان اڳ مارچ جو سڏ ڏيندو، شيخ رشيد ڪوهسار ٿاڻي تي قتل ۽ اغوا جون ڌمڪيون ملڻ تي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي