ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر 60 پئسا سستو: سون وڌيڪ 1800 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 1800 رپيا لاٿ سان 149000 مان 147200 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 1580 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف ڊالر 60 پئسا لاٿ سان 225.5 مان 224.9 رپين تي پهتو، هوڏانهن  پائونڊ ڏيڍ رپيو لاٿ سان 253.5 مان 252  ۽ يورو هڪ رپيو لاٿ سان  220.5 مان 219.5 رپيا ٿي ويا