ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪمشنر کير جا نوان اگھه  مقرر ڪرڻ لاءِ سومر تي اجلاس طلب ڪري ورتو، اجلاس ۾ ڊي جي لائيو اسٽاڪ،  سمورا ڊي سيز ۽ ڊيري فارمرز شريڪ ٿيندا، واضح رهي ته ڊيري فارمرز کير جي اگهه  ۾ 20 رپيا واڌ ڪري اگهه 200 کان 210 رپيا في لٽر ڪيو هو، واضح رهي ته  کير جو هن وقت اگهه 200 رپيا في لٽر آهي