بيڪ ڊور ڳالهين مان نتيجو نظر نه پيو اچي: ايندڙ هفتي لانگ مارچ جو اعلان ڪندس: عمران خان

0
318
بيڪ ڊور ڳالهين مان نتيجو نظر نه پيو اچي
بيڪ ڊور ڳالهين مان نتيجو نظر نه پيو اچي: ايندڙ هفتي لانگ مارچ جو اعلان ڪندس: عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ڳالهين جو ڪو نتيجو نظر نه پيو اچي، ايندڙ هفتي لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪندس
اسلام آباد ۾ سينيٽر اعظم سواتي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته بيڪ ڊور چينل سان سدائين ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي، سياسي پارٽيون هميشه بيڪ ڊور چينل سام ڳالهيون ڪنديون آهن
عمران خان چيو ته مونکي چونڊن جي ڪا به اميد نظر نه ٿي اچي، خميس يا جمعي تي لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪندس، اسان کي ڳالهيون ڪهڙي شئي لاءِ ڪرڻيون آهن، اسان ته رڳو اليڪشن چاهيون ٿا، لانگ مارچ پرامن هوندو، عوام لانگ مارچ مان انجواءِ ڪندو
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته جڏهن کان هي آيا آهن، تحريڪ انصاف کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پرامن احتجاج ڪندڙ پي ٽي آءِ ڪارڪنن سان ظلم ٿي رهيو آهي، هڪ سازش تحت اسان تي ڏوهاري مسلط ڪيا ويا آهن، مون سياسي ماڻهن تي اهڙو ظلم نه ڏٺو آهي
هن چيو ته اعظم سواتي سان گڏ هر فورم تي ويندس، اعظم سواتي جي گهر ۾ بغير ڪنهن وارنٽ جي داخل ٿيا، چادر ۽ چارديواريءَ جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، اعظم سواتي ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو؟ رڳو هن وڏي ماڻهوءَ تي تنقيد ڪئي، سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ ڳالهه اها آهي ته گرفتار ڪندڙن اعظم سواتي کي ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪيو
هن چيو ته چيف جسٽس ايف آءِ اي اختيارين کي گهرائي پڇاڻو ڪري ته اُنهن اعظم سواتي کي ڪنهن جي حوالي ڪيو هو، جن اعظم سواتي کي ننگو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون کي پڪ آهي ته هي اليڪشن نه ٿيڻ ڏيندا، هي سمجهن ٿا ته مان گرفتار ٿي ويس ته لانگ مارچ نه ٿيندو، ائين ناهي، ڀلي گرفتار ڪن، لانگ مارچ هر صورت ۾ ٿيندو
عمران خان چيو ته حڪمران چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ سريلنڪا جهڙيون حالتون ٿين، تڏهن ته پرامن احتجاج کان روڪي رهيا آهن

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ عمران جي نااهليءَ بابت لکت ۾ فيصلو جاري نه ڪرڻ تي سوال اٿاري ڇڏيا

عمران خان جي نااهلي بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چئلينج

ڪالهه خوش قسمت ڏينهن هو، ايف اي ٽي ايف کانسواءِ هڪ ٻيو فيصلو به آيو: وزيراعظم