فوت ٿيل شخص پنهنجي ئي ميت تي ماڻهن کي کلائي ڇڏيو

0
275

ايڊنبرا(دلچسپ نيوز) فوت ٿيل شخص پنهنجي ئي ميت تي ماڻهن کي کلائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اسڪاٽ لينڊ جي مزاحيا انسان ”شي بريڊلي“ پنهنجي مرڻ کانپوءِ به پنهنجي تدفين ۾ ايندڙ ماڻهن سان مذاق ڪري انهن کي کلائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.شي بريڊلي جي سڄي زندگي مسڪراهٽون پکيڙڻ ۾ گذري. ايستائين جو پوڙهائپ ۾ به اٺ پوٽن ۽ پوٽين ۽ ڏوهٽن ۽ ڏوهٽين جي باوجود هو پنهنجي ان روش تي قائم رهيو.ڪجهه ڏينهن پهرين هن جو موت واقع ٿيو. رشتيدار ۽ دوست ان جي تدفين ۾ شرڪت ٿيڻ جي لاءِ پهتا. اڃا قبر ۾ تابوت مس ئي لاٿو پئي ويو ته قبر مان شي بريڊل جي آواز گونجي”هيلو! ڪير آهي؟ مون کي ٻاهر ڪڍو! هتي تمام گهڻي اونداهي آهي!“ اها آواز ٻڌي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهو پهرين ته ڊڄي ويا پر جلد ئي انهن کي احسان ٿيو ته اها پهرين کان رڪارڊ ڪيل آواز آهي. ان کانپوءِ سڀئي بي اختيار ٿي کلڻ لڳا.اها وڊيو ان جي ڌيءَ اينڊريا بريڊلي فيس بڪ تي شيئر ڪئي آهي. جنهن کي ايستائين پندرنهن لک کان وڌيڪ ماڻهو ڏسي چڪا آهن.جڏهن ته شي بريڊلي جي بيواهه ٻڌايو ته سندس مڙس سڄي زندگي ماڻهن کي کلائيندو رهيو، مون کي ان جي وڃڻ جو غم ته ضرور آهي پر خوشي ان ڳالهه جي آهي ته هو مرڻ کانپوءِ به پنهنجي آخري مذاق سان ٻين کي کلائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو۔