يوگنڊا ۾ زرخيز جو لقب ماڻيندڙ 44 ٻارن جي ماءُ تي وڌيڪ ٻار ڄڻڻ تي پابندي

0
306

يوگنڊا: (دلچسپ نيوز) يوگنڊا ۾ هڪ ماءُ مٿان 44 ٻارن کي پيدا ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ تي پابندي هنئي وئي آهي. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب مريم نبائنري نالي عورت جا 44 ٻار آهن جن مان 4 ڀيرا 2 جڙوا ٻار، 5 ڀيرا 3 جڙوان ٻار ۽ پنج ڀيرا چار جڙوان ٻار پيدا ٿيا آهن. مقامي طور تي کيس سڀني کان وڌيڪ زرخيز عورت جو خطاب به ڏنو ويو آهي.مريم جي شادي 12 سالن جي عمر ۾ ٿي وئي هئي ۽ هڪ سال کان پوءِ ئي هن پنهنجي پهرين ٻار کي جنم ڏنو هو. ڊاڪٽرن مريم کي وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. اها پابندي مريم جي ان خواهش کان پوءِ لڳائي وئي جنهن ۾ مريم چيو ته مان هڪ ٻيو ٻار پيدا ڪرڻ چاهيان ٿي ڇو ته منهنجي پيءُ جا به 45 ٻار هئا. صحت کاتي به ڊاڪٽرن جي مشوري تي مريم جي صحت کي ڏسندي وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي.عورتن جي بيمارين واري ڊاڪٽر مريم کي چيڪ ڪرڻ کان پوءِ چيو آهي ته مريم کي وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ سان ڪينسر به ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته ماهر نفسيات جي راءِ ۾ ايترن ٻارن جي نشونما جي لاءِ سرمايو گهربل هوندو آهي جيڪو نه هجڻ جي صورت ۾ ڪيترائي سماجي ۽ نفسياتي مسئلا جنم وٺندا آهن.هوڏانهن سلائي ڪڙهائي ۽ عورتن جي هار سينگار ڪري روزي ڪمائيندڙ مريم جو چوڻ آهي ته ٻار الله جو تحفو آهي. مهنجي خواهش آهي ته سڀني کي اعليٰ تعليم، غذائيت سان ڀرپور خوراڪ، خوش نما لباس ۽ خوشحال مستقبل ڏيان ۽ ان جي لاءِ مان جستجو ۾ آهيان پر وسيلن جي کوٽ سامهون اچي رهي آهي.