فلور ملز ايسوسيئيشن جو مڪيش چاولا کي چيلينج، ڀتا خوري جا سنگين الزام

0
256
فلور ملز ايسوسيئيشن جو مڪيش چاولا کي چيلينج، ڀتا خوري جا سنگين الزام
فلور ملز ايسوسيئيشن جو مڪيش چاولا کي چيلينج، ڀتا خوري جا سنگين الزام

ڪراچي: فلور ملز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن سنڌ حڪومت تي سنگين الزام لڳائيندي چيو آهي ته حڪومتي لاپرواهي سبب عوام کي هن سال به اٽو مهانگو ملندو

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فلور ملز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن عامر عبدالله ۽ ٻين چيو ته ڪراچي  ۾ اٽو 175 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن جو ڪارڻ حڪومت ڳوٺن مان ڪڻڪ ڪراچي اچڻ نٿي ڏئي

هنن چيو ته اسان جي ھڙتال جي اعلان بعد سنڌ حڪومت رابطو ڪري 20 لک ٻوريون ڏيڻ جو چيو ھو پر ان مان 5 لک ٻوريون به ناھن ملي سگهيون، ڪراچي ڪڻڪ کڻي ايندڙ گاڏين کي روڪي ڀتو گهريو وڃي ٿو، پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ گاڏيون ضبط ڪيون وڃن ٿيون

اڳواڻن چيو ته حڪومت گذريل سال به مارچ کان ڊسمبر تائين ڪڻڪ جو ٽارگيث پورو ڪرڻ جي نالي تي بليڪ ميلنگ جاري رکي، حڪومت سهڪار نه ڪيو ته هن سال به عوام کي اٽو مهانگو ملندو

عامر عبدالله موجب صوبائي وزير اسان تي الزام هڻي رهيو آهي، هو سامھون ويھي ڳالهائي ته هُن ڪھڙا وعدا ڪيا آھن، سرڪاري گودامن ۾ ڪڻڪ خراب ٿي وڃي ٿي پر حڪومت ڪڻڪ ڪراچي آڻڻ نٿي ڏئي، اسان پنجاب مان ڪڻڪ گهرايون ٿا پر صوبائي حڪومت اُها ڪڻڪ ڪراچي آڻڻ نٿي ڏئي

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ رڪارڊ ڪرپشن آهي، قيمت ڪيئي نسل ادا ڪندا: فاطمه ڀٽو جي سنڌ سرڪار تي تنقيد